Artwork: Jack Forbes
Artwork: Jack Forbes

جسماني حفاظت: قدرتي آفتون ۽ سخت موسمي حالتون

29 جولاءِ 2021 تي اپ ڊيٽ ڪيو ويو. 

قدرتي آفتون يا سخت موسمي حالتون اوچتو ظاھر ٿي سگھن ٿيون ۽ انھن جا خطرا بہ تيزيءَ سان اثرانداز ٿي سگھن ٿا. صحافين کي گھرجي تہ جنھن واقعي جي رپورٽنگ ڪري رھيا آھن ان سان لاڳاپيل امڪاني خطرن بابت تحقيق ڪن ۽ ان مطابق تياري ڪن. 

موضوعَ

خطرن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ، ميڊيا ورڪرن کي ھيٺ ڏنل حفاظت وارين صلاحن تي غور ڪرڻ گھرجي:

عام حفاظتي رھنمائي

اسائنمينٽ جي منصوبي بندي 

  • جتي واقعو پيش اچي چڪو يا عمل ۾ اچي رھيو آھي، ان جي خطري جي سمورن تفصيلن کي سمجھي وٺو. اگر تہ توھان کي ڪنھن تنازعي واري يا اھڙي علائقي ۾ ڪم ڪرڻو ھجي جتي قانون لاڳو ڪرڻ وارا ڪمزور ھجن، تہ پوءِ تحفظ جي عام صورتحال ۾ بگاڙ جو خطرو ھميشھ رھندو آھي. 
  • مقامي حالتن ۽ صورتحال مطابق اچ وَڃ ۽ سفر جو ارادو ڪيو. جيڪڏهن ممڪن ھجي تہ علائقي جي گھڻي کان گھڻن صحافين، امدادي ڪم ڪندڙ ادارن يا مقامي ماڻھن کان تازي صورتحال جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪيو ۽ انھيءَ معلومات آڌار ئي منصوبا بندي ڪيو. 
  • متاثر ٿيل علائقي ۾ ڪنھن بہ جيل يا چڙيا گھر جي نشاندھي ڪيو، ان ڳالھ تي ڌيان ڏيندي تہ عمارتن يا جھنگ جي تباھيءَ جي نتيجي ۾ ٿي سگھي ٿو تہ قيدي يا جھنگلي جانور ڀڄي ويا گھن. 
  • علائقي جي لحاظ کان توھان کي چڱي چوکي مقدار ۾ نقد رقم گڏ کڻي وڃڻ جي ضرورت پئجي سگھي ٿي. اگر ايئن آھي تہ نقد رقم کي ننڍن ننڍن مقدارن ۾ پنھنجي ساٿين ۾ ورھائي ڇڏيو. رقم کي حفاظت سان رکڻ لاءِ تخليقي جڳھن جي چونڊ ڪيو. 
  • معلوم ڪري وٺو تہ جيڪڏهن حفاظت سان رپورٽ ڪرڻ لاءِ توھان کي ڪنھن مخصوص ذاتي حفاظتي سامان (مثال طور، ساھ کڻڻ جو سامان) جي ضرورت پئجي سگھي ٿي. 
  • ان ڳالھ جو پختو يقين ڪري وٺو تہ توھان جو انشورنس پلان انھن مخصوص حالتن بابت بہ توھان کي مالي تحفظ مھيا ڪري ٿو ۽ معلوم ڪري وٺو تہ ھنگامي حالتن جي صورت ۾ اسپتال پھچڻ جي سھوليت موجود آھي؟

مددگار عملي کي چونڊڻ بابت صلاحون 

  • عملي ۾ شامل ماڻھن کي مشڪل ۽ ڪِن گھڙين ۾ انتھائي سخت حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ۽ چُست رھڻ گھرجي. 
  • صحت سان لاڳاپيل ڪنھن بہ صورتحال ۽ ضروري دوائن جو جائزو وٺي ڇڏيو، ان ڳالھ تي توجھ ڏيندي تہ اھڙن علائقن ۾ صحت واريون سھولتون بنھ ميسر ئي ناھن ھونديون يا گھڻي حد ناڪافي ھونديون آھن. 
  • سخت موسم ۽ قدرتي آفتن وارن واقعن جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت عملي جي ماڻھن مان اھا اميد ڪري نہ ٿي سگھجي تہ اھي اڪيلي سِر ڪم ڪندا رھن. سمجھداري ان ۾ آھي تہ ھڪ قابل اعتماد مقامي صحافي يا اڳواڻي ڪري سگھندڙ سان گڏجي ڪم ڪيو جيڪو علائقي جو ڄاڻو ھجي. 
  • تباھي ۽ موت جي منظرن جو مشاھدو پريشان پيدا ڪندڙ ٿي سگھي ٿو. بعد واري صدمي يا صدمي کانپوءِ واري ذھني مونجھ رھڻ واري خطري تي ھميشھ ڌيان ڏيندا رھو. وڌيڪ معلومات لاءِ CPJجو نفسياتي حفاظتي نوٽ پڙھي ڏسو.

مواصلات (رابطي ڪرڻ جي سھولت ۽ فراھمي)

  • مواصلاتي/رابطي جي نظام ۾ خلل پئجي سگھي ٿو يا اھو نظام مڪمل طور تي بند ٿي سگھي ٿو. اگر قانوني طور تي اھڙي اجازت مليل ھجي تہ رابطي جي لاءِ اضافي وسيلي طور سيٽلائيٽ فون گڏ کڻي وڃو. 
  • ڪنھن فرد جي جان جي حفاظت لاءِ مقامي طور تي رائج طريقن جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ اتان جي عملدارن ۽ ھنگامي حالتن ۾ خدمتون مھيا ڪندڙ ادارن سان رابطي ۾ رھو. 
  • پنھنجي اداري سان چيڪ اِن ٿيڻ جو طريقو طئي ڪري وٺو، خاص طور تي اگر ڏورانھن ھنڌن يا اھڙن علائقن مان رپورٽنگ ڪرڻي ھجي جتي شھري صورتحال گھڻي خراب ۽ لُٽَ مار شروع ٿي چڪي ھجي.
  • بگڙجندڙ صورتحال پٽاندڙ رٿابنديءَ ۾ تبديليءَ جي ضرورت پئجي سگھي ٿي. پنھنجي اداري سان رابطو ڪري ھنگامي طور ٻاھر نڪرڻ وارن رستن جي نشاندھي اڳواٽ ڪري ڇڏيو ۽ اداري جي ذميوارن کي پنھنجي سفر واري رِٿ ۾ ڪنھن بہ قسم جي تبديليءَ با بت آگاھي ڏيندا رھو.

لباس ۽ ٻيو ضروري سامان

ان ڳالھ جو يقين ڪري وٺو تہ اگر امدادي ڪم ڪندڙ تنظيمن يا ادارن پاران سھڪار نہ ٿو ڪيو وڃي تہ توھان پنھنجي طور تي پاڻڀرا ھجو. مڪمل طور تي ساز ۽ سامان سان ليس ھجڻ ضروري آھي، پر مڪمل طور تي تيار ھجڻ ۽ سامان جي وزن جي وچ ۾ توازن رکي سگھجي ٿو. اھڙين شين جي لسٽ ھيٺ ڏنل آھي جيڪي ضرورت وقت ڪم اينديون: 

  • ڊزاسٽر سپلاءِ ڪِٽ، جنھن ۾ دستي ريڊيو، بتي ۽ وڏي ٽارچ (بيٽري سيلن سان گڏ) گھڻي وقت استعمال لائق رھندڙ کاڌي جون شيون، رڌپچاءَ جو سامان، ھڪ خيمو، مناسب سليپنگ بيگ (ٿيلھي ۾ بند ٿيندڙ بسترو)، مختلف اوزارن وارو ٿيلھو ۽ ڪين اوپنر شامل ٿي سگھن ٿا. علائقي ۾ شين جي خريداريءَ خاطر چوکي رقم بہ گڏ کنيون اچو. 
  • ھڪ مڪمل ذخيرو ٿيل ابتدائي طبي امداد واري ڪِٽِ: زخمن ۽ رَھنڊن جي اضافي جراثيمن کان بچائيندڙ وائيپس، ملم يا ڪريم شامل ڪيو. توھان پنھنجي صحت سٺي رکڻ خاطر جيڪي دوائون واپرائيندا رھندا آھيو انھن دوائن جو ذخيرو بہ انھن ۾ شامل ڪيو. ان ڳالھ جي پڪ ڪندي تہ انھن شين جي ملڪ ۾ قانوني اجازت مليل آھي. 
  • چھري جا معياري ماسڪ (مثالي طور تي N95 گريڊ يا ان کان بہ بھتر) جيڪو ان جڳھ تي پائڻ گهڻو ضروري آھي جتي وبا ڦھلجڻ جا خطرا ھجن يا تمام گھڻي تباھي ٿي ھجي. اگر خطرناڪ ڪيميڪل يا مواد (مثال طور تي ايسبيسٽوس) جو خطرو ھجي تہ اھڙي صورت ۾ اتي ساھ کڻڻ وارا خصوصي اوزار پائڻ گھرجن. 
  • اھي ڪپڙا جيڪي خاص موسمي حالتن ۾ سازگار ھجن. (جھڙوڪ گوڏن کي سھارو ڏيندڙ مضبوط جوتا)
  • ويڙھجي سگھجندڙ (فولڊنگ) گولائي وارا ٿانوَ  جنھن ۾ پاڻي يا ٻارڻ واريون شيون (پيٽرول، گاسليٽ وغيرھ) ذخيرو ڪري رکي سگھجن. ٻارڻ وارين شين کي ذخيرو ڪري رکڻ سان لاڳاپيل خطرن کان بہ ھوشيار رھو. 
  • آيوڊين جون گوريون يا پاڻي صاف ڪرڻ وارا اھڙا اوزار گڏ ھجن جيڪي آسانيءَ سان گڏ کڻي سگھجن. صاف پاڻي لازمي آھي جيڪڏهن توھان اھو پاڻ سان گڏ کڻي وڃي سگھو ٿا تہ پوءِ ايئن ضرور ڪيو، پر ھميشھ ايئن ڪرڻ ممڪن ناھي ھوندو. جيترو جلد ٿي سگھي تہ پاڻيءَ جي محفوظ ذريعن جو پتو لڳائي وٺو ۽ پاڻيءَ جي دستيابيءَ کي برقرار رکو.
  • گھڻي وقت تائين خراب نہ ٿيندڙ کاڌي جي شين جو چڱي مقدار ۾ ذخيرو—کائڻ لاءِ پَڪل کاڌو پاڻ سان گڏ کڻڻ جي صورت ۾ اھو وزندار ٿي سگھي ٿو، پر اھو کاڌو اھڙن علائقن لاءِ ھڪ عملي حل ھوندو آھي جتي کاڌو ملڻ مشڪل ٿي پوندو ھجي. 
  • پاڻ سان گڏ کڻي سگھجندڙ لائيٽ ۽ ضروري پاور جا وسيلا—بجليءَ جي وسيلي خاطر سج جي روشنيءَ مان ملندڙ بجليءَ کي اوليت ڏيڻ گھرجي. جن صحافين کي تمام گھڻو ساز ۽ سامان استعمال ڪرڻُ آھي انھن کي پاڻ سان گڏ کڻي سگھجندڙ جنريٽر خريدڻ تي بہ غور ڪرڻ گهرجي.

رھائش

  • رپورٽنگ واري ھنڌ پھچندي ئي فوري طور تي اھڙي رھائش تلاش ڪيو جيڪا گھڻي ڀاڱي محفوظ ھجي ۽ حادثي يا آفت جي جڳھ کان مناسب فاصلي تي ھجي. 
  • اڳواٽ جاچي ڏسو تہ رھائش محفوظ حالت ۾ آھي جيڪڏهن اھو بہ ممڪن ھجي تہ اوچي يا گھڻين ماڙين واري عمارت ۾ رھڻ کان احتياط ڪيو. 

اچ وڃ جا ذريعا

  • ڪجھ علائقن سان رابطو ڪٽجي سگھي ٿو ۽ اھڙن علائقن تائين پھچ صرف ھيلي ڪاپٽر يا ھوائي جھاز وسيلي ئي ممڪن ٿي سگھندي آھي. ان ڳالھ جي پَڪ ڪيو تہ توھان جي انشورنس پاليسي توھان کي اچ وڃ جي اھڙن وسيلن جي سھوليت مھيا ڪري رھي آھي. سٺي ساکَ ۽ لائسنس رکڻ وارن سھوليت ڏيندڙن کان خدمتون حاصل ڪيو. 
  • اگر توھان کي ٿڏي تي يا جلديءَ ۾ نڪرڻ جي ضرورت ھجي تہ توھان کي سفر يا اچ وڃ جون سٺيون سھولتون ميسر ھجڻ گھرجن. گاڏيون حالتن پٽاندڙ موزون ھجڻ گھرجن (مثال طور ھاءِ گرائونڊ ڪليئرنس، مضبوط ۽ مناسب اوزارن سان ليس)
  • پنھنجي گاڏيءَ کي ھميشھ ٻاھر نڪرڻ واري رخ ۾ بيھاريو تہ جيئن بنان رنڊڪ جلدي روانا ٿي سگھو. 

موقعي جي مناسبت ۽ ان بابت آگاھي  

  • متاثر ٿيل مقامي ماڻھو امڪاني طور تي پريشان ۽ يا غصي جي ڪيفيت ۾ ھوندا، انھن جي يا انھن جي جاين جڳھن جي فلم ٺاھڻ يا تصويرون ڪڍڻ وقت کانئن اڳواٽ اجازت وٺو. جيڪڏهن ھو انڪار ڪن تہ اھڙي صورت ۾ کين پنھنجي رابطي جا تفصيل مھيا ڪيو تہ جيئن بعد ۾ توھان سان رابطو ڪري سگھن. 
  • ماڳن مڪانن جي تلاش لاءِ استعمال ٿيندڙ عالمي نظام (GPS) تي ڀروسو نہ ڪيو، ۽ ان ڳالھ تي توجھ ڏيو تہ پنھنجي پاڻ کي درست رخ ۾ رکڻ لاءِ مخصوص نشان ڏسندا رھو. 
  • اسائنمينٽ تي ڪم دوران موسم جي اڳڪٿيءَ سان گڏوگڏ تازي ترين معلومات حاصل ڪندا رھو ۽ سفر جو اھڙو منصوبو تيار رکو جنھن ۾ ڦيرڦار ڪري سگھجي. 
  • ھنگامي حالتن ۾ ردعمل بابت مقامي ادارن جي صلاحن تي ڌيان ڏيندا رھو ۽ انھن جي ڪم ۾ خلل نہ وجھو.
  • گيس ۽ بجليءَ جي بنيادي سھولتن کي نقصان پھچي سگھي ٿو. تباھ ٿيل عمارتن جي ڍانچي ۾ باھ ٻارڻ يا سگريٽ ڇِڪڻ کان پرھيز ڪيو. 

واقعي جي نوعيت جي حوالي کان حفاظتي صلاحون

ٻوڏ:

سُڌ سماع جي ادارن (ميڊيا) جي ڪارڪنن کي ٻوڏ جي اھڙي پاڻيءَ ۾ گھرڻ نہ گھرجي جيڪو تيزيءَ سان وھندڙ ھجي يا جنھن جي ڪري زمين نظر نہ ايندي ھجي. ان ۾ امڪاني طور تي خطرا موجود ٿي سگھن ٿا. جھڙوڪ: مٽيءَ جو لُڙھي وڃن، کَڏا، ناليون، پاڻيءَ ۾ رھندڙ جھنگلي جيوٽ، غيرمرمت ٿيل گندي پاڻيءَ جا نالا ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل رڪاوٽون وغيرہ شامل ٿي سگھن ٿيون.

  • ڀِتين ۽ اھڙين عمارتن کان محفوظ فاصلو رکو، جن جي بيھڪ متاثر ٿيل۽ ڪمزور نظر ايندي ھجي.
  • اوچتين لھرن يا پاڻيءَ جي سطح ۾ اضافي تي ڌيان ڏيندا رھو.
  • ان کان بہ آگاھ رھو تہ بيٺل پاڻي ڪيتريون ئي بيماريون بہ پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ ان ۾ ڪيميائي خطرا بہ موجود ٿي سگھن ٿا.
  • ڪڏھن بہ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ويجھو يا ان ۾ گاڏي نہ ھلايو، ۽ ان بابت چوڪس رھو تہ پليون ڪمزور ۽ غيرمحفوظ ٿي سگھن ٿيون. 
  • جيڪڏهن ڪنھن اھڙي علائقي ۾ جتي ماضيءَ ۾ بارودي سرنگون موجود رھيون ھجن ان بابت ھوشيار رھو تہ ٻوڏ جي ڪري لُڙھي آسپاس ۾ منتقل ٿي سگھن ٿيون. 
  • اگر سامونڊي ندي يا سامونڊي ڪنارو ويجھو ھجن تہ وَير چڙھڻ جي وقتن کان واقفيت حاصل ڪيو ۽ اوچي سطح واري زمين تي رھڻ وارو وقت مقرر ڪيو.
  • پنھنجي چھري کي ڇُھڻ، کائڻ، پيئڻ يا سگريٽ ڇِڪڻ کان پھريان پنھنجي ھٿن کي چڱي نموني ڌوئي وٺو يا جراثيمن کان پاڪ ڪيو
  • انفيڪشن جي خطري سبب کليل زخمن تي پاڻي لڳڻ نہ ڏيو.
  • استعمال بعد سمورا اوزار، ڪپڙا ۽ جوتا چڱيءَ ريت صاف ڪيو.

ٻيلن ۾ لڳندڙ باھ

جھنگن جي باھ جي رفتار، طاقت ۽ تباھي مچائيندڙ رخن کي ڪڏھن بہ معمولي تصور نہ ڪيو. ايتري تائين جو ننڍڙي باھ بہ خشڪ حالتن، گھڻي گرمي پَدَ ۽ تيز ھوائن جي ڪري تيزيءَ سان وڌي ۽ ڦھلجي سگھي ٿي. ڌيان رکو تہ باھ عام طور تي ھوا جي رخ تي ڦھلبي آھي ان لاءِ ھميشھ ھوا جي رخ تي توجھ ڏيندا رھو ۽ ان مطابق ئي پنھنجي جڳھ جو فيصلو ڪيو. 

مھرباني ڪري زمين تي جھنگن جي باھ بابت سمجھاڻي ڏيندڙ CPJ جو تفصيلي حفاظتي نوٽ پڙھي ڏسو.

سامونڊي طوفان

سامونڊي طوفان ۽ طوفاني ھوائون ملڪيتن کي نقصان پھچائي سگھن ٿيون، بنيادي حيثيت جي سھوليتن کي اُکوڙي سگھن ٿيون، مواصلات، بجليءَ جي فراھمي ۽ اچ وڃ ۾ خلل پئجي سگھي ٿو. 

  • جيڪڏهن ھوا جي رفتار تيز ٿي وڃي تہ ٿڏي تي پناھ ڳولھي وٺو ۽ ٻاھر وڃن کان پرھيز ڪيو.
  • طوفان وارين حالتن ۾ شيشي جي دَرين ۽ شيٽ وارين ڇَتن کان پري رھو.
  • ڊرائيونگ لاءِ ناسازگار حالتن کان خبردار رھو. ٽڪرا ئجندڙ ھوائن جي ڪري گاڏين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ مشڪل ٿي سگھي ٿو. 
  • ان ڳالھ کي ڌيان ۾ رکندي سفر جي منصوبي بندي ڪيو تہ تيز ھوائن ۾ ڪجھ پليون ۽ رستا بند ٿي سگھن ٿا.
  • امڪاني ٻوڏ پيدا ٿيڻ وارن خطرن تي غور ڪيو (مٿي ٻوڏ واري سيڪشن کي پڙھي ڏسو).

ٻرندڙ جبل جو ڦاٽي پوڻ

  • ساھ کڻڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندڙ يا دَمي جي مسئلي کي منھن ڏيندڙ فردن لاءِ مشورو آھي تہ اھي نقصان ڏيندڙ گيسن (جھڙوڪ؛ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، سلفر ڊائي آڪسائيڊ، ھائيڊروجن سلفائيڊ، ريڊون، ھائيڊروجن ڪلورائيڊ) جي خطرن سبب انھن علائقن ۾ وڃڻ کان پرھيز ڪن.
  • ٻرندڙ جبل جي ڪڪرن کان پري جڳھ جي چونڊ ڪيو ۽ بدلجندڙ حالتن کي ڌيان ۾ رکندي ٻين ساٿين سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيو.
  • ھوا جو رُخ بدلجڻ بابت باخبر رھو، جنھن سان نقصان ڏيندڙ گيسن ۽ خاڪ (ڇارَ) جي زد ۾ اچي سگھو ٿا
  • اھڙا ڪپڙا پايو جيڪي قدرتي طور باھ جي ڀڀڙ (تپش) کان بچائيندڙ ڌاڳي مان ٺھيل ھجن.
  • خطري واري علائقي ۾ پنھنجو وقت مھدود رکو ۽ ياد رکو تہ دونھين جي ڌُنڌ، ڪڪر، مينھن، ٻرندڙ جبل جي ڪاري ڌونھين يا رات جي ڪري بغير ڪنھن اڳواٽ اطلاع جي اونداھي ڦھلجي سگھي ٿي.
  • وڏين پھاڙي چوٽين جي وزني ٽڪرن ڪرڻ واري خطري کان سدائين ھوشيار رھو جيڪي تمام گھڻي تيزيءَ سان ڦاٽي پوندا آھن ڇو تہ ٻرندڙ جبل جو لاوو ٽي ميل پري تائين وَھي سگھي ٿو.
  • وڌيڪ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ بابت آگاھي ڏيندڙ علامتن متعلق چوڪس رھو.

زلزلا

  • اگر زلزلي وقت توھان گاڏي ھلائي رھيا آھيو تہ اھڙين عمارتن جي ڍانچن کان محفوظ فاصلو رکو جن ۾ ڏار پئجي سگھن ٿا يا جيڪي زمين تي ڪِري سگھن ٿيون. گاڏيءَ ۾ ئي رھو ۽ جان بچائيندڙ اھڙن ماڻھن کان ھوشيار رھو جيڪي جان بچائڻ لاءِ توھان جي گاڏيءَ ۾ گھڙي سگھن ٿا.
  • ڪِري پيل جاين جڳھن، بجليءَ جي ٽُٽَل تارن يا گيس جي لائينن، ڪمزور عمارتن جي ڍانچن، ٽُٽل شيشن وغيرہ جھڙن خطرن کان ھوشيار رھو.
  • جيڪڏهن سامونڊي ڪنارو يا ندي ويجھا ھجن تہ سوناميءَ جي خطري کي ڌيان ۾ رکو. سمنڊ جي سطح ۾ غيرفطري تبديلين جي ڪنھن بہ علامت جو مشاھدو ڪيو ۽ اندروني علائقي ۽ اوچائيءَ واري ھنڌ تي پھچڻ جي منصوبي بندي ڪري رکو. 
  • زلزلي جي اثرن لاءِ تيار رھو. اگر ڪنھن عمارت ۾ آھيو تہ ھيٺ ويھي رھو. فرنيچر کان پري رھو جيڪو توھان جي مٿان ڪِري سگھي ٿو. جڏھن محسوس ڪيو تہ توھان محفوظ آھيو تہ پوءِ اھڙين سمورين تپش وارين شين کي بند ڪري ڇڏيو جن مان باھ لڳڻ جو انديشو ھجي ۽ اگر باھ ٻرندڙ آھي تہ ان کي وسائي رکو. ماچس ڪنھن بہ صورت ۾ نہ ٻاريو، سگريٽ ڇڪڻ لاءِ لائٽر بہ نہ ٻاريو. صرف ۽ صرف ان وقت ٻاھر نڪرو جڏھن توھان کي اھو يقين ٿي وڃي تہ ايئن ڪرڻ محفوظ ھوندو. 
  • امڪاني ٻوڏ جي خطرن کان ھوشيار رھو (مٿي ٻوڏ بابت ڏنل ڀاڱي کي ڏسي وٺو).

لينڊ سِلائيڊنگ)مِٽيءَ جون ڇِپون ڪِرڻ(

  • محفوظ فاصلي تي ڪم ڪندا رھو. مِٽيءَ جي ڪا بہ ڇِپ غيرمستحڪم ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي ڪرڻ جو امڪان پيدا ٿي سگھي ٿو.
  • اھڙن علائقن ۾ ڪم نہ ڪيو جتي بعد ۾ بہ ڇپون ڪرڻ يا برفاني ٽڪرا اچڻ يا ڪرڻ جو امڪان ھجي.
  • اھڙن آوازن بابت ھوشيار رھو جيڪي پٿر جي وڏن ٽڪرن يا وڻن جي ڪرڻ يا انھن ۾ وڌيڪ حرڪت جو اشارو ڏيندڙ ھجن.
  • پاڻيءَ جي وھڪري ۽ پاڻيءَ جي سطح ۽ ان جي رنگ تي بہ ڌيان ڏيندا رھو ڇو تہ ان مان بہ مٿاھينءَ واري علائقي ۾ ٿيندڙ سرگرميءَ بابت اشارو ملي سگھي ٿو.
  • بجليءَ جي ٿنڀن سميت تباھ ٿيل عمارتن ۽ تنصيبن مان ٿيندڙ خطري کان باخبر رھو.
  • امڪاني ٻوڏ جي خطري کان ھوشيار رھو (مٿي ڏنل ٻوڏ واري ڀاڱي کي پڙھي ڏسو).

شديد گرمي 

  •  جيڪڏهن ممڪن ھجي تہ ميڊيا جي ڪارڪنن کي شديد گرميءَ واري علائقي ۾ ٿورو وقت گذارڻ جي مھلت ڏيو تہ جيئن اھي موسم جي شدت کي برداشت ڪرڻ جي قابل ٿي سگھن.
  • ڏينھن جن وقتن (12 وڳي کان 03 وڳي تائين) ڪم ڪرڻ پرھيز ڪيو. باقاعدہ وقفن لاءِ ڇانوَ وارين جاين جي نشاندھي ڪيو يا اھڙو بندوبست ڪري وٺو ۽ ڪم جي ھر ھڪ جڳھ تي ڇانوَ ھجڻ جي پڪ ڪري وٺو.
  • سج کان بچڻ لاءِ ٽوپي پائيندا رھو ۽ سنھڙا قدرتي طور گھِم يا پگھر کي چُھندڙ ڍِلي فِٽنگ وارا ڪپڙا پايو. 
  • ھر وقت پاڻي پيئندا رھو. جسم ۾ نمڪيات جي بحاليءَ واريون پاڻياٺيون شيون پيئندا رھو ۽ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واريون علامتون ظاھر ٿيڻ تي نمڪيات بحال ڪندڙ پاڻي ستت ئي پيئڻ شروع ڪيو (مثال طور گھڻو پگھر اچڻ، مٿي ۾ سور پوڻ، شديد اُڃ، چڪر اچڻ، ٿڪاوٽ، دل ڪچي ٿيڻ، بيھوشي، چمڙيءَ جو پيلو پئجي وڃڻ، دل جو ڌڙڪڻ تيز ٿي وڃڻ ۽ پيشاب پيلو ٿي وڃڻ)
  • ابتدائي طبي چڪاس لاءِ پاڻ سان گڏ اھڙو انتظام ڪري رکو جيڪو ٿڏي تي ڪم اچي سگھي. واضح رھي تہ ڪنھن بہ فرد جي حالت گھڻي خراب ٿي سگھي ٿي.
  • پيشاب جو رنگ باقاعدگيءَ سان ڏسندا رھو ۽ ان کي ھلڪو رکڻ جي ڪوشش ڪندا رھو. جيڪڏهن پيشاب جو رنگ گھرو ٿيڻ شروع ٿي وڃي تہ جسم ۾ نمڪيات بحال ڪندڙ پاڻياٺن شين پيئڻ سان گڏ ٻيا مشروب بہ واپرائيندا رھو.
  • گرميءَ جي ڪري ٿيندڙ ٿَڪُ ھڪ سنگين حالت ھوندي آھي جيڪو زندگيءَ لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن اھڙيون علامتون ظاھر ٿين تہ ٿڏي تي ئي حرڪت ۾ اچي وڃو ۽ متاثر ٿيندڙ فرد کي بنان دير ٿڌي يا ڇانوَ واري جڳھ تي وٺي وڃو.
  • شديد گرمي (ھيٽ اسٽروڪ) لڳي وڃڻ زندگيءَ لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھي ٿو. متاثر ٿيندڙ ماڻھوءَ کي تيز بخار، نبض جي ڌڙڪن ۾ تيزي ۽ ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي، بي ترتيبي، الجھن ۽ بيھوشي يا دورو پئجي سگھي ٿو يا انھن مان ڪجھ ڳالھيون ھڪ ئي وقت لاحق ٿي سگھن ٿيون. اھڙي صورتحال ۾ جسم جو گرمي پَد گهٽائڻ ۽ فوري طبي امداد حاصل ڪرڻ گھڻو ضروري ھوندو آھي.

(اسائنمينٽ کان پھريان تياري ۽ حادثن کانپوءِ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي معلومات ۽ ضروري وسيلن لاءِ CPJ  جي ريسورس سينٽر جو دورو ڪيو.